جوکيوعبدالمجيد بکري

جوکيو، عبدالمجيد بکري: سنڌ جو تاريخدان ۽ شاعر عبدالمجيد جوکيو بکر شهر جو رهاڪو هو، جنهنڪري بکري سڏيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچتاريخ بلوچي“ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته ”عبدالمجيد جوکيو 1140هه/1727ع ۾ ڄائو هوندو. هيءُ هڪ سچو مصنف هو ڇو جو جيڪو حاڪم تعريف جي لائق آهي، تنهن جي تعريف ڪري ٿو ۽ جيڪو نندڻ جهڙو آهي، تنهن کي نندي ٿو. هيءُ نه فقط هڪ اعليٰ علم وارو شخص هو، پر هڪ استاد پڻ هو. سندس ننڍپڻ واري وقت ۾ بکر هڪ علمي شهر هو جتي عبدالمجيد جوکيي کي ان وقت جي معياري تعليم ملي ۽ خاص طرح فارسي ٻولي، ادب ۽ شعر ۾ خاص دسترس حاصل ٿيس. ٽالپر حاڪمن جي قلمي بياضن ۾ عبدالمجيد جوکيي جا ڪجهه فارسي غزل ۽ هڪ بهترين تصنيفتاريخ بلوچي“ ميسر ٿئي ٿي. ٽالپر حاڪمن جي دور جي قلمي بياضن ۾ عبدالمجيد جوکيي جي ڄمڻ جي تاريخ 3 صفر المظفر 1146هه (5 جولائي 1733ع، ۽ وفات جي تاريخ 5 رجب المرجب 1220هه/ 29 سيپٽمبر 1805ع) ڄاڻايل آهي. عبدالمجيد جوکيي جي هيءَ تصنيف ڪلهوڙن جي حڪومت جي زوال ۽ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿيڻ جي تاريخ آهي. مصنف عبدالمجيد جوکيو ان وقت جي ٽن مؤرخن مان هڪ هو، پهريون مير علي شير قانع ٺٽوي، ٻيو سيد عظيم الدين ٺٽوي ۽ ٽيون عبدالمجيد جوکيو. عبدالمجيد، علي شير قانع ٺٽوي ۽ عظيم ٺٽويءَ وانگر شاعر، اديب ۽ مؤرخ هو، کيس قطعه تاريخ چوڻ ۾ پڻ وڏي مهارت حاصل هئي. سندس فارسي هجوگوئيءَ ۾ چيل شعر فصاحت ۽ بلاغت سان ڀريل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو